پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ نيب قانون جي بحاليءَ کي اليڪشن جي ليول پليئنگ فيلڊ قرار ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب قانون جي بحالي کانپوءِ اڳوڻي صدر، ۽ سڀني اڳوڻن وزيراعظم چاهي اهي جيل ۾ هجن يا ملڪ کان ٻاهر سڀ هڪ ئي صف ۾ بيٺل آهن.
هن چيو ته اليڪشن ۾ وڌيڪ اڳواڻن جي شموليت سان اليڪشن جي ساک وڌندي، نواز شريف اچي، هو سندس آچڻ جي آجيان ڪن ٿا.
يوسف رضا گيلاني چيو ته کيس اهڙو ڪوبه شڪ نه آهي ته اليڪشن جنوري 2024 جي آخري هفتي ۾ نه ٿيندي.
اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن تاريخ جو به اعلان ڪري ته جيئن ماڻهن جي بيچيني ختم ٿئي.
