تازه ترين

پيپلزپارٽيءَ وٽ قربانين، ڪارنامن ۽ جدوجهد جي تاريخ آهي، جيڪا ڪنهن به ٻي پارٽيءَ وٽ ناهي:شرجيل ميمڻ

سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ وٽ قربانين، ڪارنامن ۽ جدوجهد جي تاريخ آهي، جيڪا ڪنهن به ٻي پارٽيءَ وٽ ناهي.

پ پ 57هين سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، ائٽمي قوت بنايو، طبي سهولتون ۽ تعليمي ادارا ڏنا، هارين ۽ پورهيتن لاءِ پاليسيون ٺاهيون.

هن چيو ته شهيد راڻيءَ عورتن سميت هر شعبي جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو، جيڪو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن به نه ڪيو، پاڪستان فرسٽ وومين بئنڪ، وومين پوليس اسٽيشن، بيسڪ يونٽس ۽ بنيادي تعليم ڏني.

شرجيل ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداريءَ بينظير  انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو ۽ بلوچستان جي حقن ڏيڻ جي شروعات ڪئي، پارليامينٽ کي بااختيار بنايو.

سينيئر صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس ٽولي ملڪ کي ڏکين حالتن ۾ ڇڏيو ته پ پ چيئرمين فيٽف مان پاڪستان جو نالو ڪڍرايو ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ سموري دنيا کي پيغام ڏنو ته کين ماحولياتي انصاف ملڻ گهرجي.

شرجيل ميمڻ چيو ته   پ پ جي سالگرهه جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداريءَ وڊيو لنڪ تي  مختلف هنڌن تي خطاب ڪندو، پ پ سدائين مظلومن ۽ پٺتي پيل طبقن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون