تازه ترين

پيپلزپارٽيءَ پاران فوري طور عام چونڊون جو شيڊيول جاري ڪرڻ جو مطالبو

پيپلزپارٽيءَ اليڪشن ڪميشن کان فوري طور عام چونڊون جو شيڊيول جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پ پ سمجهي ٿي ته آئين سڀ کان مٿانهون آهي، چونڊون آئين ۾ مقرر ڪيل مدي اندر ڪرايون وڃن.

پ پ طرفان نيئر بخاري، شيري رحمان، نويد قمر، شيري رحمان، سيد نويد قمر، فاروق ايڇ نائڪ، تاج حيدر، مراد علي شاهه ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي تي ٻڌل ڪميٽيءَ چيف اليڪشن ڪميشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران عام چونڊن جي تاريخ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات بعد ميڊي سان ڳالهائيندي نيئر بخاري چيو ته پ پ سمجهي ٿي ته آئين مٿانهون آهي، ٻيا قانون ان جي ماتحت آهن، ائين طئه ڪري ٿو ته اسيمبليون ٽٽڻ بعد مقرر مدي ۾ اليڪشن ٿيندي.

هن چيو ته پ پ پنهنجو ڪيس اليڪشن ڪميشن آڏو رکيو، جڏهن سيٽ تبديلي ٿيندي آهي ته ان لاءِ آئيني ترميم ڪرڻي پوي ٿي، جلد لاهور ۾ پ پ جو اجلاس ٿيندو.

پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته هنن اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجا خدشا رکيا، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، آئين ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو وقت مقرر آهي. اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو ان سي سي آءِ اجلاس ۾ اڪيلو نه هو، جنهن ۾ آدمشماريءَ جي منظوري ڏني وئي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
12 %
1.5kmh
0 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون