تازه ترين

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر کي جوڊيشل لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم

اسلام آباد جي عدالت قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پهچايو ويو.

اسد قيصر کي جوڊيشل مئجسٽريٽ قدرت الله جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران ايس ايڇ او چيو ته اسد قيصر کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي جوڊيشل ڪيو وڃي جڏهن ته اسد قيصر عدالت کي اپيل ڪئي ته اينٽي ڪرپشن کاتي وارا ڪافي ڏينهن لڳائيندا جلدي ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ جي مددگار وڪيل چيو ته بئريسٽر گوهر علي کي پيش ٿيڻو آهي ٿورو وقت ڏنو وڃي جنهن تي ايس ايڇ او چيو ته جوڊيشل ڪرڻو آهي ته جيئن اينٽي ڪرپشن وارا پنهنجو پراسس ڪري وٺي وڃي سگهن.

بئريسٽر گوهر علي ۽ شعيب شاهين عدالت ۾ پيش ٿيا.

شعيب شاهين موقف اختيار ڪيو ته پوليس ڇاٿي چاهي؟، جنهن تي عدالت چيو ته پوليس چئي ٿي ته جوڊيشل ڪيو وڃي.

عدالت اسد قيصر کي جوڊيشل ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ عدالت اسد قيصر کي جوڊيشل لاڪ اپ ۾ رکڻ جو حڪم ڏيندي اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

جوڊيشل مئجسٽريٽ حڪم ڏنو ته اسد قيصر بابت هڪ هفتي اندر اينٽي ڪرپشن ڪي پي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري جنهن بعد پوليس اسد قيصر کي وٺي اڊيالا جيل رواني ٿي وئي.

جمعي ڏينهن پوليس اسلام آباد مان قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي گرفتار ڪيو هو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
33 ° C
33 °
33 °
26 %
1.9kmh
45 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون