پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بيبي جي پشاور ۾ پارٽي اجلاس کي خطاب جي آڊيو سامهون آئي آهي

spot_img
پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بيبي جي آڊيو ليڪ ٿي آهي، جنهن ۾ کيس ايم پي ايز کي احتجاج ۾ ماڻهو آڻڻ جي هدايت ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو. پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بيبي جي پشاور ۾ پارٽي اجلاس کي خطاب جي آڊيو سامهون آئي آهي. آڊيو ۾ بشريٰ بيبي ڪارڪنن کي پي ٽي آءِ بانيءَ جو پيغام ڏئي رهي آهي. بشريٰ بيبي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ بانيءَ چيو ته اوهان کي گاڏين جي وڊيو ٺاهڻي آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو به نظر اچن، احتجاج ۾ رڳو ڪارڪن نه پر عوام کي وٺي اچو، انٽرنيٽ بند هوندي متبادل بندوبست ڪرڻو پوندو. آڊيو ۾ بشريٰ بيبي چيو ته قافلي جو ڪو ڪارڪن زخمي ٿي پئي ته تڪ جو ايم اين اي ۽ ايم پي ايَ سڀ گڏجي ان جو خيال رکن. بشريٰ بيبي چيو ته خان چيو آهي ته احتجاج  واري ڏينهن هر ايم اين اي ۽ ايم پي اي مک جلوس ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ پنهنجي جلوس جي وڊيو ٺاهيندو، جنهن وٽ ثبوت طور وڊيو نه هوندي ان کي ايندڙ ڀيري پارٽي ٽڪيٽ نه ڏني ويندي، ڀلي اهو 25، 30 سال پراڻو ئي ڇو نه هجي. آڊيو ۾ بشريٰ بيبي هدايت ڏني ته پاڻ به گرفتاري ناهي ڏيڻي، ڪارڪنن کي به گرفتاريءَ کان بچائڻو آهي. بشريٰ بيبي چيو ته قافلي ۾ عالمي ميڊيا کي گڏ رکڻو آهي، 24 نومبر جو احتجاج پي ٽي آءِ بانيءَ سان وفا جو امتحان آهي، ان ڏنهن 5 لک ماڻهو نڪري سگهن ٿا. بشريٰ بيبي نون منٽن تائين اجلاس کي خطاب ڪيو، پي ٽي آءِ اڳوڻ شوڪت يوسفزئي بشريٰ بيبي جي آڊيو جي تصديق ڪئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون