آڊيو موجود آهي، غير سياسي عورت پي ٽي آءِ جي جلسن جي رٿابندي ڪري رهي آهي:عـَـظميٰ بخاري

spot_img
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عـَـظميٰ بخاري چيو آهي ته آڊيو موجود آهي، غير سياسي عورت پي ٽي آءِ جي جلسن جي رٿابندي ڪري رهي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته غير سياسي عورت اڳوڻي وزيراعظ۾ کي رموٽ ڪنٽرول ذريعي هلائي رهي هئي، هوءَ هر  ايم پي ايَ کي ماڻهو  آڻڻ جو ٽارگيٽ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته غير سياسي عورت جي آڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هوءَ  جلسن جي رٿابندي ڪري رهي آهي، جڏهن ته علي امن گنڊاپور وسيلن کي رياست خلاف استعمال پيو ڪري. عمظيٰ بخاري چيوته خيبرپختونخوا ۾ پوليس وارا اغوا ٿي رهيا آهن، صوبي جو وڏو وزير الجهاد الجهاد جا نعرا به هڻائي، ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، پي ٽي آءِ وارا ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيا چاهن. صوبائي وزير چيو ته چندي جي نالي تي هنن کان رپيو به گڏ ناهي ٿيو، هي سدائين جيان لاش چاهن ٿا، هنن جي مس ڪال کي پاڪستان جو عوام بلڪل سپورٽ نه ڪندو، رياست خلاف جهاد ناهي ٿيندو. عظميٰ بخاري چيوته رياست خلاف جهاد ڪندڙن جو انجام خراب ٿيندو آهي، بشريٰ بيبي ۽  علي امين گنڊاپور پنهنجا ٻار به گڏ وٺي اچن. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته جيڪڏهن هنن وٽ پلان ايَ، بي ۽ سي آهي ته  هو به تيار آهن.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون