- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سائفر ڪيس ۾ بري ٿي ويا آهن.
اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.
ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشيءَ جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويو.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ بانيءَ ۽ مخدوم شاهه محمود قريشيءَ کي سائفر ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.
هائيڪورٽ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشيءَ جي سائفر ڪيس ۾ اپيلون منظور ڪندي سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو.
فيصلو ٻڌائڻ وقت پي ٽي آءِ جي مک قيادت اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ موجود هئي.
آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن خلاف پي ٽي آءِ قيادت اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي….- Advertisement -
