پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سائفر ڪيس ۾ بري

- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سائفر ڪيس ۾ بري ٿي ويا آهن. اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشيءَ جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويو. اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس  عامر فاروق محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ بانيءَ  ۽ مخدوم شاهه محمود قريشيءَ کي سائفر ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. هائيڪورٽ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشيءَ جي سائفر ڪيس ۾ اپيلون منظور ڪندي سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو. فيصلو ٻڌائڻ وقت پي ٽي آءِ جي مک قيادت اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ موجود هئي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن خلاف پي ٽي آءِ قيادت اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
42%
1.2m/s
3%
سُومر
12 °
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
23 °
جمعو
21 °

تازه ترين خبرون