- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي خلاف عدت دوران نڪاح ڪرڻ وارو ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.
عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي خلاف ڪيس ايڊيسنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا جي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاهه رخ ارجمند ڪيس منتقل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکيو هو، خاور مانيڪا، جج شاهه رخ ارجمند تي اعتراض ڪيو هو.
عدت ۾ نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي هاڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا ڪندو.- Advertisement -
