تازه ترين

پ پ اڳواڻ شازيا مري جي ريڊيو پاڪستان طرفان پ پ چيئرمين جي تقرير نشر نه ڪرڻ جي مذمت

- Advertisement -
پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري ريڊيو پاڪستان پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 4 اپريل جي تقرير نشر نه ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. شازيه مري چيو ته ڊي جي ريڊيو جي هدايتن باوجود سڀني ريڊيو پاڪستان اسٽيشنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير لائيو نشر نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 4 اپريل تي پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي عوام ۽ ان جي وفاقي يونٽن کي پيش ايندڙ سڀني اهم مسئلن کي اجاگر ڪيو. شازيه مري جو چوڻ آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب سڀني ريڊيو پاڪستان اسٽيشنن پاران نشر نه ڪرڻ وفاق خلاف سازش آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 4 اپريل واري خطاب کي ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۽ لاهور کانسواءِ لاڙڪاڻي سميت سڀني اسٽيشنن کي نشر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. شازيه مري چيو ته ريڊيو پاڪستان نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز چينل چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هڪ ڪلاڪ 20 منٽن جي مڪمل تقرير کي صرف 21 منٽن جي بي ترتيب تقرير ۾ تبديل ڪري غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو. شازيه مري جو مطالبو ڪيو ته ڊي جي ريڊيو کي فوري طور تي برطرف ڪري چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير نشر نه ڪرڻ جي غير جانبدار جاچ ڪرائي وڃي. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ريڊيو پاڪستان تي تقرير نشر نه ڪرڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿاريندي. شازيه مري چيو ته ڊي جي ريڊيو کي فوري طور تي هٽايو وڃي ڇاڪاڻ ته هو انهن ماڻهن کي به ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جن تقرير نشر ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
26 %
0.6kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون