تازه ترين

اي ڊي شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٺري ميرواهه، هنڊياري ۽ سوئي گئس ۾ شٽربند هڙتال

- Advertisement -
اي ڊي شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٺري ميرواهه، هنڊياري ۽ سوئي گئس ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. سوئي گئس ۾ وارثن، شهرين ۽ صحافين  مهراڻ هاءِ وي چوڪ تي اي ڊي شر جو لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ٺري ميرواهه ۾ يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي صحافين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته اي ڊي شر جو قتل سموري صحافت جو قتل آهي، ٺري ميرواهه پوليس هن وقت تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن چيو ته پوليس جي نااهلي سبب سنڌ ۾ صحافي غيرمحفوظ بڻيل آهن. ٻئي طرف ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو  جو چوڻ آهي ته صحافي اي ڊي شر جي قتل وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن جي جاچ مختلف رخن سان ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته شڪ جي بنياد تي سندس دوست نياز بادامي سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
41 %
2.5kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون