- Advertisement -
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه زين شاهه چيو آهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن کي هميشه پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ آندو ويندو آهي، ستاويهين آئيني ترميم ون يونٽ جي نئين شڪل آهي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه زين شاھ جون سنڌ ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پوليس کي حڪمران پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، مخالفن کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
هن چيو ته قومي سطح تي هڪ اتحاد ٺھڻ گهرجي، جيئن ملڪ ۾ هڪ تبديلي اچي سگهي.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ کي هميشه پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ آندو ويندو آهي.
زين شاهه چيو ته ايس آءِ ايف سي جي نالي ۾ صوبن جي وسيلن 2023 کان قبضا ڪيا پيا وڃن، آهستي آهستي اهو ڪنٽرول وفاق کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 27 ترميم کان پوء حڪومت نالي ماتر رهي آهي، فيڊريشن سسٽم کي جمهوري نظام تحت هلائڻ گهرجي.
هن چيو ته ملڪ اندر جيڪڏهن 2 ڪورٽون ٺھيون ته پوءِ ماڻهن جا انفرادي حق به متاثر ٿيندا، ملڪ اندر جيڪڏهن عدليا ئي ڪنٽرول ھيٺ اچي وئي ته پوءِ جمهوريت سواليا ٿي ويندي.
سندس چوڻ هو ته ظهور الاھي وانگر مرتضيٰ جتوئي تي به ٻڪري ۽ ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو، اهو لاقانونيت ۽ بدامني جو چٽو مثال آهي.
سيد زيبن شاهه چيو ته سکر ڪنوينشن ۾ هڪ ڪنٽرول جو، وڪيلن جون اليڪشنون پهريان سرڪار جي سربراهي ھيٺ ٿينديون هيون هي پهريون ڀيرو آهي جو وڪيلن جو هڪ طبقو پاڻي جي اشو تي نڪتو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو، هاڻ اليڪشن ۾ وڪيلن جي آزاد طبقي کٽيو آهي.
هن چيو ته سکر ڪنوينشن کي خراب ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ماڻهن جي بس ڀري آندي وئي.
- Advertisement -
