ڀارت جي عدالت هڪ لک کان وڌيڪ عورتن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.
ممبئي جي هاءِ ڪورٽ هڪ لک گم ٿيل عورتن جي ڳولا لاءِ داخل درخواست تي مهاراشٽرا جي رياست کان جواب طلب ڪيو.
گذريل ڏينهن ممبئي هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست اڳوڻي ڀارتي فوجي داخل ڪرائي هئي، سندس نوجوان نياڻي 2021 ۾ گم ٿي هئي، جنهن کانپوءِ کيس قانوني مسئلن کي منهن ڏيو پيو.
درخواست ۾ ڀارت جي مرڪزي حڪومت طرفان مارچ 2023ع ۾ لوڪ سڀا ۾ جمع ڪرايل بيان کي به بنياد بڻايو ويو هو، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير چيو هو ته 2019 کان 2021 دوران مهاراشٽرا کان 18 سال کان وڌيڪ عمر جي هڪ لک 842 عورتون ۽ ناريون گم ٿي ويون آهن.
بچاءَ واري وزارت طرفان ٻڌايو ويو هو ته ٽن سالن ۾ مهاراشٽر کان 12 هزار 47 ٻار به گم ٿيل آهن.
عدالت ٻڌڻي کانپوءِ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو ۽ رمارڪس ڏنا ته عورتن ۽ ٻارڙن جي گمشدگي جا گهڻا ئي سبب ٿي سگهن ٿا پر حڪومت جي ذميواري آهي ته پتو لڳائن ۽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
ممبئي هاءِ ڪورٽ ان شڪ جو به اظهار ڪيو آهي ته عورتن ۽ ٻارن جي گمشدگي انساني سملنگ جو سبب به ٿي سگهي ٿي.
هاءِ ڪورٽ مهاراشٽر حڪومت کان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏنو.
عدالت مهاراشٽرا ڪميشن فار وومين ۽ ريلوي پوليس کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي..
ڀارت جي عدالت هڪ لک کان وڌيڪ عورتن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ حڪومت کان جواب طلب
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.9
°
C
9.9
°
9.9
°
24%
1.9m/s
0%
خميس
10
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


