ميهڙ ۾ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب معصوم ڀيڻ ڀاءُ جي فوت ٿيڻ جي صدمي ۾ سندن امڙ دم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
ميهڙ ۾ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب معصوم ڀيڻ ڀاءُ جي فوت ٿيڻ جي صدمي ۾ سندن امڙ دم ڏئي ڇڏيو آهي. شهر جي ڪاسائي پاڙي ۾  مشهور ڦوٽو گرافر سڪندر شيخ گهر ۾ هوٽل تان ماني گهرائي کاڌي. مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب معصوم ڀيڻ ڀاءُ نينگر جنيد شيخ ۽ طيبه فوت ٿي ويا، جڏهن ته سڪندر شيخ پٽ سميت بيهوش ٿي ويو. واقعي بعد فوتين جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته بيهوش ٿيلن کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي صدمي ۾ سندن امڙ فوت ٿي ويئي، واقعي بعد متاثر گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ ڪاسائي پاڙي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته هوٽل تان گهرايل کاڌو کائڻ کانپوءِ گهر ڀاتين جي حالت بگڙجي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
17%
1.5m/s
0%
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون