تازه ترين

ڀارت طرفان ڪشميرين کي آزادي جو حق ڏيڻ کان انڪار خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو : وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت طرفان ڪشميرين کي آزادي جو حق ڏيڻ کان انڪار خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڀارت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته اڄ ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني طور ختم ڪرڻ وارن قدمن کي چار سال گذري چڪا آهن، ڀارت ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ طاقت ۽ وحشياڻي تشدد جي استعمال جو سهارو ورتو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي عالمي طور مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدمن جو هڪ سلسلو به شروع ڪيو آهي، ڀارت ڪشميرين جي آزادي واري حق کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪشميري آبادي ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت قدم ڪشمير جي اڪثريتي مسلم آبادي کي راءِ جو حق ڏيڻ کان محروم ڪرڻ ڪريل ڀارتي ارادي جي نشاندهي ڪري ٿو، ان مقصد لاءِ ڀارتي اختيارين چونڊ تڪن ۾ تڪبنديون ڪيون آهن، لکين غير ڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا آهن ۽ موجوده ووٽر لسٽن ۾ ڦيرڦار لاءِ لکين عارضي رهائشن کي به شامل ڪيو آهي.

هن چيو ته اهي سمورا ڀارتي قدم ڪشمير جي آبادي ۽ سياسي منظر نامي کي تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل ڀارتي حڪمت عملي جو حصو آهي، پاڪستان اهڙن هڪ طرفن ۽ غيرقانوني قدم کي رد ڪري ٿو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير تي قبضو نه رڳو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر بنيادي انساني حقن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل اصولن جي لتاڙ آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي، هن مسئلي تي عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي، ڀارت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون