ڀارت ۾ جي ٽوئنٽي سربراهي اجلاس اڄ کان شروع ٿيندو، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ عالمي اڳواڻن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، امريڪي صدر جوبائيڊن نئين دهلي پهچي ويو.
اجلاس جي موقعي تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ڀارتي وزيراعظم مودي سيڙپڪاري فورم جي ميزباني ڪندا.
سعودي عرب جي امريڪا، ڀارت، يو اَي اِي جي اڳواڻن سان هڪ انفرا اسٽرڪچر ڊيل جو به امڪان آهي جنهن تحت نار ۽عرب ملڪَ ريلوي ۽ بندرگاهن ذريعي ڀارت سان ڳنڍجي سگهجندا.
هوڏانهن دهلي ۾ اجلاس کان اڳ تبتي ڪميونٽي ڀارت خلاف احتجاج ڪندي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مهمانن کي آجياڻي جي تقريب دوران سون ۽ چاندي جي ٿانون ۾ کاڌو پيش ڪرڻ تي به موديءَ تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي سوئيڊش يونيورسٽي جي ريسرچ پروفيسر جو چوڻ آهي ته مودي وساري ويٺو آهي ته ڀارت جو گلوبل هنگر انڊيڪس ۾ 121 ملڪن مان 107 هون نمبر آهي جيڪو پاڪستان، بنگلاديش ۽ نيپال کان به ڪـِريل آهي.