استور ۾ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي.
گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد جي جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهلي سبب خالي ٿيل سيٽ جي بي ايل اي 13 استور تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بغير ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو.
ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي خورشيد احمد خان، مسلم ليگ ن جي رانا فرمان علي ۽ پيپلز پارٽي جي عبدالحميد خان، جمعيت علماءِ اسلام جي عطاءَ الله سميت 14 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.
اليڪشن ڪميشن بلتستان طرفان ضلعي استور جي تڪ جي لاءِ 264 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ 31 پولينگ اسٽيشن نارمل، 12 حساس ۽ 13 انتهائي حساس قرار ڏنل آهن.
جي بي ايل اي 13 استور ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 33 هزار 378 آهي جن مان 18 هزار 231 مرد ووٽرز ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 15 هزار 147 آهي.
