تازه ترين

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي بنگلاديش جو دورو, ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

- Advertisement -
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي بنگلاديش جو دورو ڪيو جتي عبوري سربراهه سميت سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جنرل ساحر شمشاد مرزا بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر محمد يونس سان ملاقات ڪئي، سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل محمد نظم الحسن ۽ هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل حسن محمود خان سان به ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي بنگلاديش جي هٿياربند فوجن جي ڊويزن جي پي ايس او ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم قمر الحسن سان به ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، جنرل ساحر شمشاد مرزا بنگلاديش جي فوجي ۽ سياسي قيادت سان ملاقاتن ۾ علاقائي، عالمي صورتحال ۽ سلامتي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، دفاع ۽ سڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به زور ڀريو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي بنگلاديش سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهشن کي ورجايو، هن خودمختاري ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو وچن به ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقاتن ۾ دفاع ۽ سلامتي جي معاملن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، فوجي سطح تي سهڪار ۽ ٻين سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي بنگلاديش جي سول ۽ فوجي قيادت پاڪ فوج جي پيشواراڻي صلاحيتن جي معيار کي ساراهيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين ۽ ڪاميابين جي واکاڻ به ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، بنگلاديش جي دوري دوران چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سلهٽ ۾ انفنٽري ۽ ٽيڪٽس اسڪول جو به دورو ڪيو، استادن ۽ شاگردن سان ملاقات به ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيناکنجو پهچڻ تي دستي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي سلامي پيش ڪئي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي شيکا آنيرين تي گل به رکيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون