- Advertisement -
پاڪستان ايندڙ ٻن ڏينهن دوران مختلف وقتن تي پنهنجون هوائي حدون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي ان سلسلي ۾ سمورين ايئر لائنن ۽ ايوي ايشن ڪمپنين کي نوٽم به جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽم موجب، 28 ۽ 29 آڪٽوبر تي هوائي حدون صبح 6 کان 9 وڳي تائين بند رهنديون، ان دوران ڪمرشل اڏامن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻن ڏينهن دوران 3، 3 ڪلاڪ حدون بند رهنديون.
نوٽم ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۽ لاهور فلائٽ ريجن ۾ مخصوص روٽس ڪمرشل اڏامن لاءِ بند رهندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو امڪاني طور پاڪستان جي سرحد ويجهو ڀارتي فوجي مشقن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
