تازه ترين

ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش ساڙڻ جي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جي ضمانت جون درخواستون رد

- Advertisement -
ميرپورخاص پوليس هٿان جعلي مقابلي ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش وارثن سان کسي ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جون ضمانت بابت ڌار ڌار ڏنل درخواستون رد ڪيون ويون آهن. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص جي جسٽس شمن الدين عباسي ۽ جسٽس محمد حسن تي ٻڌل بينچ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالتي فيصلي موجب، مولوي احمد شاهاڻي، عبدالغفار رانگڙ ۽ محبوب ساند جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪيون ويون آهن. گذريل ٻڌڻي تي عدالت ڪيس جي مک جوابدار احمد شاھاڻي، وڪيل افضل ڪريم ورڪ، جوابدار عبدالغفار رانگڙ، وڪيل غلام مصطفيٰ چنا ۽ جوابدار محبوب ساند طرفان وڪيل نبي بخش ناريجو، ڪيس جي فريادي محمد ابراھيم ڪنڀر طرفان سپريم ڪورٽ جي وڪيل مير احمد مڱريو ۽ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل شھزادو سليم جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ھو. توھين مذھب جي الزام ھيٺ آيل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي 18 سيپٽمبر 2024ع تي عمرڪوٽ پوليس کيس ڪراچي جي لياري واري علائقي مان گرفتار ڪري ميرپورخاص پوليس جي حوالي ڪيو هو. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي 19 سيپٽمبر تي جڙتو پوليس مقابلي ۾ سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيو ويو ھو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون