چيني ڪمپني فيٽ ڊونگ لائي پنھنجي ملازمن جي ذھني صحت جو خيال رکڻ لاءِ انوکو طريقو ڳولي ورتو
پرڏيھي ميڊيا موجب ڪمپني ڪنھن به وجه سان اداسي جو شڪار ملازمن جي لاءِ (sad leave ) متعارف ڪرائي آھي
ٻڌايو پيو وڃي ته ملازم ساليانو ڏھھ ڏينھن ((sad leave وٺي سگھن ٿا جنھن لاءِ انتظاميه کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت ناھي
ميڊيا رپورٽس موجب اھا ھڪ سپر مارڪيٽ ڪمپني آھي جيڪا پنھنجي ڪسٽمر ڪيرئر سروس جي طرفان گھڻي مشھور آھي ڇو جو اھا پنھنجي ڪسٽمر بلڊ پريشر کي چيڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ ۾ آيل ڪسٽمر جي پالتو جانور جو به خيال رکندي آھي
ڪمپني جي علاوه اھي ڪمپني ڪسٽمر جي طرفان پنھنجي ملازمن سان گڏ بتميزي يا پوءِ خراب رويو اختيار ڪرڻ تي انھن کي 5 ھزار يوآن جو معاضو ازالي جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پوندو آھي….