تازه ترين

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا بشرا انصاري ٻي شادي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا بشرا انصاري ٻي شادي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي .

بشريٰ انصاري جي مڙس ليکڪ اقبال حسين سان گڏجي پنھنجي يوٽيوب چينل تي شادي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

اقبال حسين ٻڌايو ته سندن پھرين ملاقات 2016ع ۾آن ايئر ٿيڻ واري سيريل ”سيتا باگڙي“ جي شوٽنگ دوران ٿي، ان وقت ٻنھي جي طلاق ٿي چڪي هئي ۽ ٻئي اڪيلا هئا، شوٽنگ دوران هن بشريٰ انصاري کي شادي جي آڇ ڪئي.

بشريٰ انصاري جو چوڻ هو ته اقبال حسين جي طلاق مون کان ڪجهه عرصو اڳ ٿي هئي ۽ مان ڪجهه عرصو بعد ورتي پر ان وقت تائين هڪ ٻئي سان ملاقات نه ٿي هئي، هن پنهنجي طلاق جي حوالي سن ڪڏهن به ڪنهن سان ڳالهه نه ڪئي هئي، طلاق قبول ڪرڻ جي لاءِ ڏيڍ سال جو عرصو لڳي ويو هو .

اداڪارا وڌيڪ چيو ته سندس شادي جو پري پري تائين ڪو به ارادو نه هو، شادي لاءِ پاڻ کي هڪ سال جو عرصو ورتو ۽ بعد ۾ اقبال حسين کي گهرڀاتين سان ملايو ته حيران ٿي ويا.

اقبال حسين ۽ بشريٰ انصاري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن جي طلاق ٿي وڃي يا ان جو ساٿي لاڏاڻو ڪري وڃي ته اڪثر ٻارڙا پنهنجي پيءُ جي شادي ته ڪرائيندا آهن، والده کي زندگي جيئڻ جو اوترو ئي حق آهي، جيڪڏهن زندگي ۾ سچو ساٿي ملي ته ان سان گڏ نئين زندگي شروع ڪرڻ ۾ ڪا پريشاني نه آهي.

واضح رهي ته 2019ع ۾ بشريٰ انصاري ۽ اقبال حسين جي شادي جي حوالي سان خبرون سامهون آيون هيون پر ٻنهي شخصيتن جي طرفان خبرن جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي هئي .

بشريٰ انصاري 2020ع ۾ پنهنجي طلاق تي کلي ڪري ڳالهيون ڪيون ۽ 2023ع ۾ پنهنجي ٻي شادي جي تصديق ڪئي پر هن ان وقت نه ٻڌايو هو ته شادي ڪنهن سان ٿي.

بشريٰ انصاري 1978 ۾ اقبال انصاري سان شادي ڪئي هئي جنهن 36 سالن بعد طلاق ورتي، جڏهن ته اقبال حسين جي پهرين شادي اداڪارا ۽ ميزبان فرح حسين سان ٿي هئي…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
16 %
2.4kmh
3 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون