ستن ملڪن تي ٻڌل گروپ جي 7، چين تي پابنديون مڙهڻ جي ڌمڪي ڏيندي الزام لڳايو آهي ته چين روس جي مدد ڪري يوڪرين خلاف جنگ کي وڌائي رهيو آهي.
جي 7 ملڪن جو اجلاس جمعي تي اٽلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ميزبان اٽلي سان گڏ آمريڪا، برطانيه، فرانس، ڪيناڊا، جرمني ۽ جاپان جي سربراهن شرڪت ڪئي.
جي 7 جي اجلاس ۾ اڳواڻن چين جي خلاف سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته چين طرفان روس جي دفاعي بنيادن کي سهڪار ڪرڻ سان روس کي يوڪرين ۾ پنهنجي غير قانوني جنگ جاري رکڻ ۾ مدد ملي رهي آهي.
جي 7 ملڪن مطالبو ڪيو ته چين روس کي هٿيارن ۽ ٻين فوجي سامان جي فراهمي بند ڪري ٻي صورت ۾ چيني ادارن کي مختلف پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو…
ياد رهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ فيبروري 2022ع کان شروع ٿي آهي، هڪ رپورٽ موجب هن جنگ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ روسي فوجي ۽ 31 هزار کان وڌيڪ يوڪرين فوجي مارجي چڪا آهن…