تازه ترين

بابر اعظم کي شاهين جي ڪپتانيءَ ۾ کيڏڻ گهرجي ها ته منهنجي ۽ دنيا جي نظرن ۾ سندس عزت وڌي وڃي ها: شاهد آفريدي

- Advertisement -
اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته بابر اعظم کي شاهين جي ڪپتانيءَ ۾ کيڏڻ گهرجي ها ته منهنجي ۽ دنيا جي نظرن ۾ سندس عزت وڌي وڃي ها. گذريل سال ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ بابر اعظم ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ شان مسعود کي ٽيسٽ جڏهن ته شاهين آفريدي کي ٽي 20 ٽيم جي ڪپتاني ڏني وئي هئي. بعد ۾ ٽيم کي آسٽريليا خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ۽ نيوزيلينڊ خلاف 5 ميچن جي ٽي 20 سيريز ۾ 1-4 جي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن کانپوءِ پي سي بي بابر اعظم کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ۽ ون ڊي جو ڪپتان مقرر ڪيو، پر هن ڀيري شاهين بابر جي نائب ڪپتاني قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان حوالي سان شاهد آفريدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن بابر اعظم ماضي ۾ اسٽينڊ وٺي چوي ها ته آئون شاهين جي ڪپتانيءَ ۾ کيڏڻ چاهيان ها ته منهنجي ۽ دنيا جي نظرن ۾ سندس عزت وڌيڪ وڌي وڃي ها. شاهد آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان شاهين کي ڪپتان بڻايو هو ته پوءِ کيس فوري ڪپتاني تان هٽائڻ انتهائي غلط طريقو هو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
27 %
0.9kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون