تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

چين روس جي مدد ڪري يوڪرين خلاف جنگ کي وڌائي رهيو آهي: ستن ملڪن تي ٻڌل گروپ جي 7

- Advertisement -
ستن ملڪن تي ٻڌل گروپ جي 7، چين تي پابنديون مڙهڻ جي ڌمڪي ڏيندي الزام لڳايو آهي ته چين روس جي مدد ڪري يوڪرين خلاف جنگ کي وڌائي رهيو آهي. جي 7 ملڪن جو اجلاس جمعي تي اٽلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ميزبان اٽلي سان گڏ آمريڪا، برطانيه، فرانس، ڪيناڊا، جرمني ۽ جاپان جي سربراهن شرڪت ڪئي. جي 7 جي اجلاس ۾ اڳواڻن چين جي خلاف سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته چين طرفان روس جي دفاعي بنيادن کي سهڪار ڪرڻ سان روس کي يوڪرين ۾ پنهنجي غير قانوني جنگ جاري رکڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. جي 7 ملڪن مطالبو ڪيو ته چين روس کي هٿيارن ۽ ٻين فوجي سامان جي فراهمي بند ڪري ٻي صورت ۾ چيني ادارن کي مختلف پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو… ياد رهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ فيبروري 2022ع کان شروع ٿي آهي، هڪ رپورٽ موجب هن جنگ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ روسي فوجي ۽ 31 هزار کان وڌيڪ يوڪرين فوجي مارجي چڪا آهن…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
24 %
1.7kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون