ترڪ صدر رجب طيب اردگان غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري تي خاموش تماشائي بڻيل اولهه جي ملڪن جي ٻٽي معيار تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڇا اولهه هڪ ڀيرو ٻيهر صليبي جنگ چاهي ٿو، جيڪڏهن اولهه اهڙي ڪوشش ڪئي ته سمجهي ڇڏي ته هو اڃا زنده آهن.
استنبول ۾ فلسطينين جي حمايت ۾ نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته هو سڄي دنيا کي ٻڌائيندا ته اسرائيل جنگي ڏوهاري آهي، اسرائيلي فوج جي ظلم پٺيان مرڪزي ڏوهاري اولهه جون طاقتون آهن، سندن حمايت کانسواءِ اسرائيل ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي.
هن اولهه ملڪن تي تنقيد ڪندي چيو ته اوهان يوڪرين ۾ مرندڙ ماڻهن لاءِ ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهيو پر اوهان غزه جي ٻارن لاءِ آواز ڇو نه اٿاريو؟.
ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته جيڪڏهن هو ڪجهه باضمير آوازن کي ڇڏي ڏين ته غزا ۾ جاري قتل عام مڪمل طور تي اولهه جو ڪم آهي، اسرائيل جا اتحادي صليبي جنگ جو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڇا اولهه ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر صليبي جنگ چاهن ٿا جيڪڏهن جيڪڏهن اولهه اهڙي ڪوشش ڪئي ته سمجهي ڇڏي ته هيءَ قوم اڃا مئي ناهي، ترڪيه جا ماڻهو اڃا زنده آهن.
ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته 1947ع ۾ فلسطين ڇا هو ۽ اڄ ڇا آهي؟، اسرائيل اتي ڪيئن آيو؟، اسرائيل هڪ غاصب ۽ هڪ جنگي ڏوهاري آهي، غزا ۾ بدترين جارحيت جاري آهي ۽ ڪيترا ٻارڙا ۽ پيرسن مرندا ته جنگ بندي ڪئي ويندي؟