سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ جي الزام هيٺ آيل ٽن پوليس آفيسرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ، ڪيس جي عدالتي جاچ بابت وارثن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ عدالت کي اپيل ڪئي تھ الزام ھيٺ آيل ڊي آءِ جي جاويد سونھارو جسڪاڻي، ايس ايس پي اسد علي چوڌري ۽ ايس ايس پي آصف رضا بلوچ جا پاسپورٽ ۽ ويزا ٺھيل آھن، ھو گرفتاري کان بچڻ لاءِ پرڏيهه وڃي سگھن ٿا، سندن نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن.
ٽن پوليس آفيسرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ، ڪيس جي عدالتي جاچ بابت وارثن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي وڪيل علي پلھه چيو تھ عدالت ٽن پوليس آفيسرن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جا حڪم ڏنا آھن، جڏھن تھ عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت ڊاڪٽر جي وارثن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جا حڪم ڏنا جنھن بعد بحث ڪيو ويندو تھ ڪيس جي موجوده صورتحال ڇا آھي ۽ عدالتي جاچ ڪرائجي يا نھ؟.