تازه ترين

پنجاب اليڪشن ٽربيونلز بابت لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست منظور ڪندي لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ٻڌايو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ محفوظ ٿيل فيصلو پڙهي ٻڌايو، چيف جسٽس ٻڌايو ته جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس عقيل عباسي جو اضافي نوٽ آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته لاهور هائيڪورٽ جي سنگل بينچ جو فيصلو عدالتي نظر ۾ پيش نٿو ڪري سگهي، هائيڪورٽ جي جج، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس جي ملاقات نه ٿيڻ کي ۾ نه رکيو، جيڪڏهن ملاقات نه ٿيڻ کي نظر ۾ رکي ها ته اهڙو فيصلو نه ڪيو وڃي ها. عدالتي فيصلي موجب، تڪرار جڏهن آئيني ادارن بابت هجي ته محتاط رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن اپيل ڪئي هئي ته اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، هائيڪورٽ اليڪشن ڪميشن جا اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي. لاهور هائيڪورٽ 12 جون تي پنجاب اليڪشن ٽربيونلز بابت فيصلو ٻڌايو هو، جنهن ۾ عدالت پنجاب ۾ 6 اليڪشن ٽربيونلز جوڙيا هئا، ٽربيونلز لاءِ ججن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون