تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي پھرين پوسٽ مارٽم رپورٽ پيش ڪندڙ ڊاڪٽر منتظر لغاري کي گرفتار ڪرڻ بعد قتل واري ايف آءِ آر ۾ بھ نامزد ڪيو ويو

- Advertisement -
ميرپورخاص پوليس ھٿان مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي پھرين پوسٽ مارٽم رپورٽ پيش ڪندڙ ڊاڪٽر منتظر لغاري کي گرفتار ڪرڻ بعد قتل واري ايف آءِ آر ۾ بھ نامزد ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي پھرين پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪندڙ ڊاڪٽر منتظر لغاري کي ايف آءِ اي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو. جاچ کانپوءِ سي آر پي سي جي سيڪشن 167 تحت دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ ايف آءِ اي اختيارين ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس ۾ نامزد 22 جوابدارن سان گڏ 23 نمبر تي ڊاڪٽر منتظر لغاري جو نالو بھ شامل ڪري ڇڏيو آھي. ايف آءِ اي اختيارين موقف اختيار ڪيو آھي تھ مليل وڊيوز مان اھو ثابت ٿيو آھي تھ پوسٽ مارٽم وقت ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل اڳوڻو سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري، اڳوڻو ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي، سنڌڙي ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او نياز کوسو ۽ ٻيا موجود ھئا، پر ڊاڪٽر شاھنواز جي والدين يا وارثن مان ڪو بھ موجود نھ ھو. ايف آءِ آءِ اختيارين موجب، ڊاڪٽر منتظر لغاري پنھنجي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ھو تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي ستون نمبر پاسراٽي ٽٽل ھئي، جڏھن تھ قبرڪشائي بعد جيڪو ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو ھو، ان ڄاڻايو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي اٺون نمبر، نائون، ڏھون ۽ 11 نمبر ساڄي پاسي واريون پاسراٽيون بھ ٽٽل ھيون. ايف آءِ اي اختيارين ڄاڻايو آھي تھ ميڊيڪل بورڊ جيڪا پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏني آھي، ان ۾ اھو بھ ڄاڻايو ويو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز جون پاسراٽيون جيئري ھئڻ دوران جسماني تشدد سبب ٽوڙيون ويون ھيون، جنهنڪري ڊاڪٽر منتظر اڻپوري رپورٽ ڏئي ڏوھاري ڪردار ادا ڪيو آھي. واضح رھي تھ ڪيس ۾ نامزد 23 جوابدارن مان 6 گرفتار ۽ 11 ضمانت تي آزاد ٿيل آھن، جڏھن تھ ميرپورخاص جي اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص سميت 6 ڄڻا روپوش آھن، جن جي گرفتاريءَ لاءِ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آھي، پر اڃا تائين اھي گرفتار ناھن ٿي سگھيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون