تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

جيڪڏهن هٿياربند فوج جو ڪو شخص گهر ويٺي ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته ڇا آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو؟:جسٽس جمال مندوخيل

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي فوجي ٽرائل ڪيس ۾ جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن هٿياربند فوج جو ڪو شخص گهر ويٺي ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته ڇا آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. سزا مليل جوابدار جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ ٻه مسئلا آهن، هڪ آرٽيڪل 175 جو مسئلو آهي جيستائين ڳالهه بنيادي حقن جي آهي ته دروازا بند نه ٿيندا آهن. جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته  جيڪڏهن بنيادي حق دستياب نه هجي ۽ ڪنهن ايڪٽ سان ملايو وڃي ته ڇا حق متاثر ٿيندا، آرمڊ فورسز جو ڪو شخص گهر ويٺي ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته ڇا آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن  ڪنهن فوجي جوان جو گهريلو مسئلو آهي، جيڪڏهن پهرين زال جي مرضي کانسواءِ ٻئي شادي ڪري ٿو ته ڇا ٻئي شادي واري کي فوجي عدالت موڪليو ويندو؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته آرمي ايڪٽ هڪ بليڪ هول آهي، ڪا به ترميم ٿي ته بنيادي حق ختم ٿي ويندا، قانون موجب ڏوهه جو تعلق آرمي ايڪٽ سان هئڻ ضروري آهي. هن چيو ته مثال طور پنجاب ۾ لغڙ اڏائڻ تي پابندي آهي، پنجاب ۾ ڪو فوجي اهلڪار گهر ۾ لغڙ اڏائي ٿو ته ملٽري ٽرائل نه ٿيندو پر سويلين قانون لاڳو ٿيندو. جسٽس نعيم اختر سلمان اڪرم راجا کان سوال ڪيو ته ڪاوڙ نه ڪجو پر توهان جي سياسي پارٽي جي دور ۾ آرمي ايڪٽ ۾ هڪ ترميم ڪئي وئي،  توهان جي سياسي پارٽي پارليامينٽ ۾ وڏي گرم جوشي سان آرمي ايڪٽ بابت قانونسازي ڪئي،  سلمان اڪرم راجا چيو ته هو تنهن وقت تحريڪ انصاف ۾ نه هو، هميشه مخالف ڌر جو حصو رهيو آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته 1975ع دوران ايف بي علي ڪيس ۾ پهريون ڀيرو  ٽون ون ڊي  جو ذڪر ٿيو،  جسٽس محمد علي مظهر چيو ته  آرٽيڪل ٽون ڊي کي هر ڀيري سپريم ڪورٽ ڇو ڏسي.  سلمان اڪرم راجا  ليگل فريم ورڪ تبديل ٿي وڃي ته  جوڊيشل رويو ڪري سگهجي ٿو، آرٽيڪل اٺ ٽي جي ڇوٽ ٽو ون ڊي لاءِ دستياب ناهي. جسٽس نعيم اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته ٽو ون ڊي لاءِ 1967 ۾ آرڊيننس آندو ويو جنهن جو هڪ مدو هوندو آهي. ائين ته ناهي جو آرڊيننس مدو پورو ٿيڻ تي ختم ٿي ويو هجي؟ سلمان اڪرم راجا جواب ڏيندي چيو ته آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ 1923ع کان موجود آهي،  ايڪٽ تحت 1961 کان اڳ ٽرائل ٿيندا رهيا آهن. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سول سروس ۾ ڪو شخص اهڙو  ڏوهه ڪندو آهي کيس نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو آهي،  سول سروس ۾ سزا ڏيڻ جا اختيار نه آهن،  هٿياربند فوج ۾ هڪ طرف نوڪري مان ڪڍيو ويندو آهي ته ٻئي طرف سزا ڏني ويندي آهي، توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته  آرمي ايڪٽ لاڳو ڪيئن ٿيندو آهي؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن ڪو جاسوس گرفتار ٿي وڃي ته سندس ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟  جسٽس حسن اظهر سوال ڪيو ته ڪو شهري دشمن ملڪ جي ورغلائڻ تي راز کين ڏئي ڇڏي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو،  سلمان اڪرم راجا چيو ته ٽرائل آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت ٿيندو جنهن جو طريقيڪار موجود آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته هو آئين خلاف ڪابه ڳالهه نه ڪندو،  ٽوڙي مروڙي دليل پيش نه ڪندو، دنيا ۾ ايئن ڪٿي نه ٿيندو آهي ته آئين بنيادي حق ڏئي ۽ ڪو وري آڱر جي اشاري سان ڇني وٺي، ايئن نه ٿو ٿي سگهي ته ڪمانڊنگ آفيسر چوي ته کيس جوابدار گهرجي کيس سندس حوالي ڪيو وڃي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته  پنج رڪني بئنچ  سيڪشن ٽو ڊي ختم ڪري ڇڏيو آهي، سيڪشن ٽو ڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ جاسوس عنصرن جو فوجي ٽرائل نه ٿو ٿي سگهي، آرمي ۾ سول ملازم به هوندا آهن،  جيڪڏهن سول ملازم دشمن ملڪ لاءِ جاسوسي ڪري ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو. سلمان اڪرم راجا چيو ته آرمي ۾ موجود سول ملازم آرمي ايڪٽ جي ماتحت هوندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون