تازه ترين

ڌاڙيلن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ عام معافي ناهي،  قانون کي منهن ڏيڻو پوندو : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڌاڙيلن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ عام معافي ناهي،  قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، ڌاڙيلن کان هٿيار ڦٽا ڪرائڻ جي پاليسي جي ڪابينا منظوري ڏني آهي، امن امان جي صورتحال گهڻي قدر بهتر ٿي آهي، پوليس جي ويريفڪيشن سسٽم کي جديد ڪيو ويو آهي، ڊجيٽائيزيشن سان ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس نظام ۾ به بهتري ايندي. سنڌ جي وڏي وزير جي سينٽرل پوليس آفيس آمد تي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين آجيان ڪئي. مراد علي شاهه کي پوليس جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير في ليس اِي ٽريڪنگ سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ٽريفڪ ريگوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هو سڀ کان پهريان سنڌ پوليس کي مبارڪ ڏيڻ چاهي ٿو، سنڌ پوليس ڊجيٽلائيزيشن جي سفر ۾ هڪ ٻيو ايڊيشن ڪيو آهي، ڊجيٽائيز ٽريفڪ سسٽم ٺاهيو آهي جنهن تي اڄ کان عمل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ سنڌ پوليس ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ايس فور متعارف ڪرايو هو، جنهن جو 2 سال اڳ افتتاح ڪيو هو، ايس فور صوبي جي ايندڙ ۽ ويندڙ رستن جي نگراني ڪندو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايس فور سان ڪيترائي فائدا ۽ ڪيترائي ڪرائيم ظاهر ٿيا، سنڌ پوليس جي تلاش ايپ سان ڪرمنل جي فوري سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي، او ٽيل آءِ ايپ آهي، ايمپلائي ويريفڪيشن سسٽم سنڌ پوليس ٺاهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن، پوليس ويريفڪيشن ۾ سولايون پيدا ڪيون ويون آن لائن به حاصل ڪري سگهجي ٿي، اِي چالان سان نه رڳو شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام بهتر ٿيندو ۽ ماڻهن جو تحفظ به حاصل ٿيندو. هن چيو ته ٽريفڪ ريگوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم سان 11 سئو ڪيمرائن ذريعي نگراني ڪئي پئي وڃي، ڪراچي کان شروعات ڪئي پئي وڃي ۽ سڄي صوبي ۾ ٽريفڪ ريگوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم لاڳو ڪندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڌاڙيلن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ عام معافي ناهي،  قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، ڌاڙيلن کان هٿيار ڦٽا ڪرائڻ جي پاليسي جي ڪابينا منظوري ڏني آهي، امن امان جي صورتحال گهڻي قدر بهتر ٿي آهي. مراد علي شاهه چيو ته هو آءِ جي پوليس کي ڪچي جي علائقي ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي مبارڪ ڏئي ٿو، ڪچي جي 72 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به مبارڪ ڏئي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون