وزيراعظم شهباز شريف ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ وچ ۾ امن معاهدي جي آجيان

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ وچ ۾ امن معاهدي جي آجيان ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ معاهدو امن ۽ سفارتڪاري لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، دنيا کي امن ۽ ڀائيچاري جي رستي تي هلڻو پوندو، امن معاهدو ڪرائڻ تي آمريڪي صدر مبارڪباد جو حقدار آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوششن سان لکين زندگي بچي ويون آهن. سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته امن ۽ سفارتڪاري لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، هو ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ جي قيادت توڙي عوام کي ڪوالالمپور پيس ايڪارڊ تي صحي ڪرڻ تي مبارڪ ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ جي عوام امن جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي، دنيا کي امن ۽ ڀائيچاري جي رستي تي هلڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر ڪوالالمپور پيس ايڪارڊ ۽ غزا امن منصوبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي هو ڀيٽا جو حقدار آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوششن سان لکين زندگيون بچي ويون. شهباز شريف چيو ته سندس ڀاءُ ملائيشين وزيراعظم امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪوششون ڪيون، انور ابراهيم خطي کي امن جي رستي تي آندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
22%
2.4m/s
0%
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون