تازه ترين

ڪشمير جو ڪارو ڏهاڙو ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار جو ڏينهن آهي : ناصر حسين شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان جو عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان دل سان ڳنڍيل آهي، کين پاڪستان جو حصو سمجهي ٿو. مزار قائد جي وي آءِ پي گيٽ کان نڪتل ريلي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته سڄي ملڪ ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي، ڀارت هن ڏينهن تي ڪشمير تي ظالماڻو قبضو ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته ڪشمير جو ڪارو ڏهاڙو ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار جو ڏينهن آهي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي سڄي سنڌ ۾ مختلف تقريبون ۽ ميڙاڪا ڪيا پيا وڃن. ناصر حسين شاهه چيو ته ڪشمير ۾ ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت جي انتها ٿي وئي آهي، ڀارت جي ڪوڙي واويلا کي بلاول ڀٽو زرداري هر محاذ تي وائکو ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون