تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان گڏجاڻي ڪئي ويندي:مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان گڏجاڻي ڪئي ويندي. وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو دورو ڪري اڏاتي ڪم جو معائنو ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو اڏاوتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ڏوهن کي روڪڻ لاءِ  رات ڏينهن گشت يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مرا د شاهه چيوته گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ پل ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي پل آهي. هن چيو ته گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ پل جي اڏاوت سان ٻنهي ضلعن سميت ٻين ضلعن جي عوام کي به فائدو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار جو موقف واضح آهي، سنڌو درياهه مان ڪو به ڪئنال نه نڪرندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  سنڌ سرڪار گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ ڪئنالن جي رٿا جي مخالفت ڪئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوٽ الطاف ڀيو پهچي صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عابد حسين ڀيو سان سندن چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سکر کان گڊو تائين سفاري پارڪ  لاءِ ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو ضروري  آهي. هن چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ  پنجاب ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان گڏجاڻي ڪئي ويندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي ماضي ۾ به نوڪريون ڏنيون آهن  ۽ هاڻي به ڏيندا. هن چيو ته جلد هڪ کان 14 هين گريڊ تائين بيروزگار ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وينديون. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 15 سال اڳ امن امان جي صورتحال خراب هئي، هاڻي صورتحال بهتر آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي  ۽ سکر جي قيادت ۾  گهوٽڪي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ آپريشن جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون