وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڌمڪيون سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي، پنهنجي صوبي ۾ جيئن به احتجاج ڪريو پر اسلام آباد ۾ نه، پي ٽي آءِ بانيءَ کي آزاد ڪرڻ جو اختيار وٽس نه پر عدليا کي آهي، ڪـُـرم ضلعي ۾ فائرنگ سبب 38 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بيلاروس جو وفد اچي رهيو آهي، کين سڪيورٽي ڏيڻي آهي، ڪنهن به قسم جي جلسي يا جلوس جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
هن چيو ته عوام فيصلو ڪري ته خاص ڏينهن ۾ ئي ڇو احتجاج ڪيو ويندو آهي؟ کين اسلام آباد جي شهرين کي تحفظ ڏيڻو آهي.
محسن نقوي چيوته ڊيڊ لائن تڏهن ٿيندي جڏهن هو ڪي ڳالهيون ڪندا، جيڪڏهن 24 نومبر جي ڌمڪي ڏني وئي ته ڪنهن به صورت ڳالهيون نه ٿينديون.
گهرو وزير چيو ته پنهنجي صوبي ۾ جيئن به احتجاج ڪريو پر اسلام آباد ۾ نه، پي ٽي آءِ بانيءَ کي آزاد ڪرڻ جو اختيار وٽس نه پر عدليا کي آهي.
وفاقي گهرو وزير چيو ته بئريسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات ڪئي آهي، سندس خواهش آهي ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ته اچي حڪومت سان ڳالهايو.
محسن نقوي چيو ته ڪـُـرم ضلعي ۾ فائرنگ سبب 38 ڄڻا مارجي چڪا آهن، ڪي پي مان ايف سي جي پندرهن پلاٽونز جي درخواست آئي آهي.
محسن نقوي چيو ته عدالت جو جيڪو به حڪم هوندو ان تي هو عمل ڪرائيندا
ڌمڪيون سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي: محسن نقوي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8
°
C
9.8
°
9.8
°
27%
1.8m/s
0%
اربع
10
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


