پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ تي وفاق کي اهم تجويز ڏني آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته پاڻيءَ جي معاملي تي سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جا جائز خدشا ٻــُـڌا وڃن.
هن چيو ته پ پ چيئرمين واضح ڪيو ته تڪراري منصوبا شروع ڪرڻ بدران سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.
شازيا مري چيو ته پ پ چيئرمين تجويز ڏني ته صوبن جي زرعي منصوبن کي وفاقي حڪومت ٻــُـڌيَ ۽ ان جو حل ڪڍي.
پ پ اڳواڻ چيو ته وفاقي سرڪار سنڌو درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي نظرثاني ڪري، سنڌ ۾ سمارٽ ايريگيشن جا مختلف منصوبا ٺاهيا آهن، وفاق انهن کي تباهه نه ڪري، سنڌ ۽ بلوچستان جي خدشن تي غور نه ڪيو ويو ته منصوبو تڪراري بڻجي ويندي، هڪ طرفا فيصلا ڪنهن به صورت ملڪي مفادن ۾ ناهن.
شازيا مري چيو ته وزيراعظم فوري طور سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي، وڏي وزير جي مطالبي باوجود نون مهينن کان اجلاس طلب ناهي ڪيو ويو
بلاول ڀٽو زرداري سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ تي وفاق کي اهم تجويز ڏني آهي: پ پ اڳواڻ شازيا مري
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.3
°
C
10.3
°
10.3
°
28%
0.9m/s
0%
اربع
11
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


