تازه ترين

هڪ عورت جنهن جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، ان پاڪستان جي دوست ملڪ تي حملو ڪيو : مريم نواز

- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي  ته ڪالهه هڪ گهريلو عورت جنهن جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، ان پاڪستان جي دوست ملڪ تي حملو ڪيو. ڪڇي ڪئنال جي بحاليءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪڇي ڪئنال جي بحالي سندس لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن آهي، کيس خوشيءَ آهي ته نوازشريف دور ۾ ان منصوبي جي شروعات ٿي. هن چيو ته دشمن انتظار ۾ ويٺا هئا ته پاڪستان ڊفالٽ ٿي وڃي، پر هاڻي روزانو سٺي خبر اچي رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي پهچي وئي ۽ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي. مريم نواز چيو ته ڪالهه هڪ گهريلو عورت جنهن جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، ان پاڪستان جي دوست ملڪ تي حملو ڪيو. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته ملڪ ۾ ترقي ن ليگ جي دور ۾ ئي ايندي آهي، ڌرڻن، احتجاج  جو سڏ بار بار ناڪام ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ دور ۾ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو. مريم نواز چيو ته پاڪستان تي حملا ڪو ٻاهريون نه پر خيبر پختونخوا حڪومت ڪري رهي آهي، پنجاب پوليس جي جوانن جا مٿا دهشتگرد نه پر ڪي پي حڪومت ڦاري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
29 %
3.5kmh
0 %
خميس
30 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون