تازه ترين

ڪجهه هفتن کان دهشتگردي جي نئين لهر جو ملڪ ۾ اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي : جاويد لطيف

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته ڪجهه هفتن کان دهشتگردي جي نئين لهر جو ملڪ ۾ اچڻ ڳڻتي جوڳو آهي، دشمن پاڪستان تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ملڪ کي چئلينجز مان ڪڍڻ لاءِ حقيقتون واضح ڪرڻيون پونديون، 2017ع ۾ لانچ ڪيل پراجيڪٽ ملڪ کي سخت نقصان پهچايو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته ڪجهه هفتن کان پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي نئين لهر نظر اچي رهي آهي، دشمن تڏهن وار ڪري جڏهن رياست جي اندر ڪا ڪمزوري نظر اچي، دشمن ملڪي معيشيت جي صورتحال ڏسي وار ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته قوم کي مونجهاري واري ڪيفيت مان ڪڍڻو آهي ته قوم کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي، ملڪ ان حد تائين ڪيئن پهتو قوم کي ٻڌايو وڃي.

 مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته 75 ورهين کان ملڪ ۾ تجربا ڪيا پيا وڃن، عمراني پراجيڪٽ عالمي اسٽيبلشمينٽ لانچ ڪيو هو، 2014ع ۾ هڪ اداري کانسواءِ هن سڀني کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون.

هن چيو ته ادارن تي حملا شروع ڪيا ۽ کيس گرفتار نه ڪيو ويو، ان وقت گرفتار نه ڪرڻ پٺيان اسٽيبلشمينٽ هئي، جڏهن کان هٽيو آهي تڏهن کان ڪو اهڙو ڏينهن ناهي جنهن ۾ هر عدالت ۾ درجنن ۾ درخواستون نه لڳيون آهن.

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته سار سنڀال لهندڙ مير جعفر ۽ مير صادق چوندو هو، زمان پارڪ ۾ سرحد پار کان تربيت يافته ماڻهن کي ادارا گرفتار نه ڪري سگهيا، ادارا سڀ ڄاڻيندا هئا پر ادارن تي دٻاءُ هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون