- Advertisement -
ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي دوران ڦرلٽ جي ڪيترين کي وارداتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان موجب، پوليس ۽ رينجرز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي اسلاميه ڪالوني ۽ اورنگي ٽائون ۾ گڏيل ڪارروائي ڪئي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڦرلٽ جي ڪيترين کي وارداتن ۾ ملوث جوابدار نويد خان ۽ علي حسين عرف جاجو کي گرفتار ڪيو ويو.
رينجرز ترجمان موجب، شروعاتي جاچ دوران جوابدارن پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي قصبه ڪالوني، مومن آباد، اورنگي ٽائون، غني چورنگي، فرنٽيئر ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ 60 کان وڌيڪ موبائل فون ۽ 4 لک رپيا ڦر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي- Advertisement -
