تازه ترين

سامونڊي فوج جون سنڌ جي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خدمتون آهن: سنڌ جو وڏي وزير مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سامونڊي فوج جون سنڌ جي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خدمتون آهن، ٻوڏ دوران ٻين فورسز سان گڏ پاڪستان نيوي سنڌ جي عوام جي ڀرپور مدد ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان پاڪستان نيوي جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي جنهن دوران پيشواراڻي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران نيول چيف، مراد علي شاهه کي وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي نيوي جو شهر آهي، ڪراچي سمنڊ ڪناري تي هئڻ سبب هو ڪراچي کي ميري ٽائم شهر چوندا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سامونڊي فوج جون سنڌ جي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خدمتون آهن، ٻوڏ دوران ٻين فورسز سان گڏ پاڪستان نيوي سنڌ جي عوام جي ڀرپور مدد ڪئي. نيول چيف سنڌ حڪومت جو سامونڊي فوج سان هميشه سهڪار جي ساراهه ڪئي. نيول چيف چيو ته پاڪستان نيوي سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي تعليم، صحت ۽ ڀلائي جا ڪم سرانجام ڏيندي آهي. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه، نيول چيف کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا جڏهن ته نيول چيف وڏي وزير کي پي اين ايس يرموڪ شپ جو ماڊل پيش ڪيو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون