ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان هائوسنگ سوسائٽي جي زمين وڪڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جاچ رپورٽ تي سوسائٽي جي زمين وڪري ۾ ملوث آفيسرن ۽ ٻين ڪردارن خلاف آئي جي سنڌ ۽ ڪوآپريٽو کاتي کي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جاچ ڪاميٽي هائوسنگ سوسائٽي جا پلاٽ وڪڻڻ ۾ ڊي سي، مختيارڪار، ڊي ايس پي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار ملوث قرار ڏنا آهن.
سهارن پور هائوسنگ سوسائٽي تي قبضن بابت جاچ ڪميٽي جي رپورٽ سنڌ ٽي وي نيوز هٿ ڪري ورتي.
وڏي وزير جي ماتحت سي ايم آئي ٽي ٽيم سھارن پور ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اربين رپين ڪي زمين تي قبضو ھجڻ جو نشاندهي ڪري ڇڏي.
جاچ ڪندڙ آفيسرن ڊپٽي ڪمشنر، مختيارڪار، تپيدار ملير، لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن کي سوسائٽي جي زمين بلڊرن کي وڪرو ڪرڻ ۾ سڌو سنئون ڏوھي قرار ڏئي ڇڏيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جاچ رپورٽ تي سوسائٽي جي زمين وڪري ۾ ملوث آفيسرن ۽ ٻين ڪردارن خلاف آئي جي سنڌ ۽ ڪوآپريٽو کاتي کي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڏي وزير سينيئر ميمبر روينيو بورڊ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير جي جاچ رپورٽ روشني ۾ ڪيل سفارشن تي عمل يقيني بڻائي 30 ڏينھن اندر رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.
سي ايم آئي ٽي پاران سھارن پور هائوسنگ سوسائٽي جي زمين تي قبضن بابت ڪيل جاچ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آھن .
رپورٽ موجب جاچ دوران سوسائٽي ميمبر سي ايم آءِ ٽي ڊي آڏو پيش ٿيا ۽ پنهنجون شڪايتون پيش ڪيون.
رپورٽ موجب سوسائٽي ميمبرن ڊي ايس پي واصف قريشي، ايس ايڇ او رائو عمير، پي ايس ملير ڪنٽونمينٽ، فلڪ ناز، رومي، ڪنگز ۽ حرمين بلڊرز مٿان ملي ڀڳت جو الزام لڳايو.
سوسائٽي ميمبرن الزام لڳايو آهي ته روينيو اختيارين جي مدد سان لاڳاپيل پارٽين سوسائٽي جي فيز ٽو جي زمين تي قبضا ڪيا، فيز ون ۾ 6 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي بلڊر فلڪ ناز جو قبضو موجود ۽ باقي زمين تي به غيرقانوني طور تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو آهي.
ڪميٽي انچارج فلڪ ناز بلڊر جي غيرقانوني پروجيڪٽ کي سيل ڪيو پر ايس ايڇ او رائو عمير رجسٽرار سوسائٽين جي اجازت کانسواءِ غيرقانوني ڊي سيل جو عمل ڪيو .
رپورٽ ۾ ڊي ايس پي وقاص قريشي ۽ لاڳاپيل ”قبضه مافيا“ مٿان ٽي اينڊ ٽي ڪالوني ڪلفٽن ۾ به زمين تي جعلي رڪارڊ ذريعي غيرقانوني قبضو ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.
مئنيجمينٽ ڪميٽي انچارج جي بيان موجب ڪجھه ڏينهن اڳ اڳوڻي سيڪريٽري مظهر شاھه گيلاني جي اڳواڻي ۾ هٿياربند قبضا ڪندڙ ٽولي سوسائٽي جي منتظم ۽ ميمبرن تي حملو به ڪيو هو.