تازه ترين

ڪراچي: ڪورنگي نمبر 2 ۾ هٿياربندن هٿان ڦر مزاحمت تي پيءُ پٽ قتل

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر ٻه ۾ ڦورن مزاحمت تي پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.

زمان ٽائون پوليس موجب، ڪورنگي نمبر 2 ۾ پرنس بڪ اسٽال اندر فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ 70 ورهين جو محمد حسين ۽ 37 ورهين جو سندس پٽ اسد حسين سخت زخمي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻنهي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏيئي ڇڏيو.

اکين ڏٺين شاهد فهد جو چوڻ هو ته 3 ڌاڙيل دڪان تي آيا، جن مان 2 اندر داخل ٿيا ۽ هڪ ٻاهر بيٺو رهيو، جڏهن هنن باڪس ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري ڏني.

ٻئي پاسي واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به منظرعام تي اچي ويا آهن جنهن ۾ ڦورن کي فائرنگ ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.

واقعي کانپوءِ علائقي واسي احتجاج ڪندي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو…..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
24 %
7kmh
6 %
خميس
32 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون