تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪنڌڪوٽ ۾ ساگر ڪمار ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ  لڳل ڌرڻو ٻن مغوين جي بازيابيءَ ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي خاطري بعد ختم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪنڌڪوٽ ۾ مغوي ساگر ڪمار ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ  لڳل ڌرڻو ٻن مغوين جي بازيابيءَ ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي خاطريءَ کانپوءِ ختم ڪيو ويو.

پوليس ٻن مغوين کي بازياب ڪرائي ڌرڻي واري هنڌ پهچايو ۽ ڊپٽي ڪمشنر منور مٺياڻي سول سوسائٽي ۽ بار ڪائونسل جي هنيل ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري مغوي ساگر ڪمار، عورت نازيا ۽ نينگري ڪوثر کوسو کي بازياب ڪرائڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت ورتي  ۽ اهڙي خاطري بعد انڊس هاءِ وي تي 18 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد سنڌ پنجاب جي ٽريفڪ بحال ٿي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته دراني مهر واري علائقي ۾ آپريشن ڪري ٻن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر منور مٺاڻي اڳواڻن سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي ايس ايس پي کي چئي باقي ٻين مغوين کي به جلد بازياب ڪرايو ويندو.

احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مغوي بازياب نه ڪرايا ويا ته پوءِ هو ٻيهر انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻندا.

ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ  لڳل ڌرڻي تي پوليس جي لٺبازي واري واقعي جو ايس ايس پي امجد احمد شيخ نوٽيس  وٺندي ايس ايڇ او بي سيڪشن سميت ٻين کي معطل ڪري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.

پوليس ترجمان موجب ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ خلاف جاچ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي…….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
19 %
0.3kmh
80 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون