ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلن ۾ 2 جوابدار مارجي ويا، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب شاهراهه فيصل تي ڪراچي فوڊ وٽ ڦورو شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته موقعي تي پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي قبضي مان 2 پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن.
هوڏانهن پاڪ ڪالوني لياري ندي ويجهو منشيات جي اڏي تي پوليس جي ڇاپي دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو.
ايس ايس پي ڪيماڙي موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جنهن جي عادل جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار جو ڏوهي رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.