- Advertisement -
ڪراچي ۾ رٿيل 40 سالن کان مٿي عمر وارن رانديگرن جي ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ گروپن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ويٽرنس ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پاران گروپن جو اعلان ڪيو ويو، ٽورنامينٽ 21 نومبر کان پاڪستان ۾ شروع ٿيندو.
اوور فورٽي ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي گروپ ون ۾ پاڪستان، ويسٽ انڊيز، ڏکڻ آفريڪا، هانگ ڪانگ، ڪينيڊا ۽ يو اَي اِي شامل آهن.
گروپ ٽو ۾ آسٽريليا، آمريڪا، سريلنڪا، زمبابوي، سعودي عرب ۽ ريسٽ آف دي ورلڊ شامل آهن.
ياد رهي ته اوور فورٽي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 40 سالن کان مٿي عمر وارن رانديگر ٽيمن ۾ شامل هوندا.- Advertisement -
