تازه ترين

ڪراچي ۾ وڏي وزير ۽ ٻين جي بوهر برادري سان ملاقات

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ۽ گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي بوهري برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مُفدل سيف الدين سان طاهري مسجدِ ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.

سينيئر حڪومتي عملدارن ۽ اهم شخصيتن جي صدر جي تاريخي بوهري مسجد آمد تي بوهري برادري جي ماڻهن آجيان ڪئي.

بوهري برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفدل سيف الدين مهمانن جي آجيان ڪندي ميڙاڪي ۾ ڏهاڪي جي اهميت تي روشني وڌي.

هن امام حسين عليه سلام ۽ سندس ساٿين جي قربانين تي روشني پڻ وڌي.

روحاني پيشوا سيدنا مفدل سيف الدين چيو ته سموري مخلوق هڪ آهي، الله کي سڀ کان وڌيڪ محبت ان سان آهي جيڪو پنهنجي ڪٽنب لاءِ وڌيڪ ڪارائتو آهي.

هن بوهري برادري جي ماڻهن کي هدايت ڪئي ته ايماندار ۽ قانون جا پابند شهري بڻجن ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي وارين سرگرمين ۾ حصو وٺن.

بوهري برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفدل سيف الدين گورنرن ۽ وڏي وزير جا ٿورا مڃيا ته پاڪستاني حڪومت بوهره برادري جي ڪراچي ۾ ڀلارو عشرو ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر قسم جو سهڪار ۽ مدد ڪئي.

ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سيدنا مفدل سيف الدين جي ڪراچي آمد سنڌ لاءِ فخر جوڳي آهي، هو دنيا مان محرم جي ميڙاڪن لاءِ ڪراچي ايندڙن جي آجيان ڪن ٿا.

گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري هن سال ڀلاري عشري لاءِ ڪراچي جي چونڊ تي  سيدنا مفدل سيف الدين جي تعريف ڪئي.

هن روحاني ميڙاڪي سان بوهري برادري جا پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن سان لاڳاپا اجاڳر ٿيا ۽ مذهبي ميڙاڪي ۾ مذهبي ۽ رياستي قيادت جي ملاقات سان پاڪستاني معاشري ۾ گڏيل احترام ۽ سهڪار جي مستحڪم روايت جو به اظهار ٿيو…

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
broken clouds
25 ° C
25 °
25 °
55 %
2.4kmh
75 %
خميس
25 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
29 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون