- Advertisement -
اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي کانپوءِ صدر بائيڊن آمريڪي عوام تي متحد ٿيڻ، يڪجهتي ۽ تشدد کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
اوول آفيس مان پنهنجي خطاب ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته سياسي بيان بازي تمام گهڻي حد تائين وڌي وئي آهي، سياسي گرمي پد کي گهٽائڻ جي ضرورت آهي، شڪر آهي ته حملي ۾ ٽرمپ سخت زخمي ناهي ٿيو.
جو بائيڊن چيو ته اها خبر ناهي ته حملي آور جو مقصد ڇا هو، هن کي ڪنهن جي مدد حاصل هئي يا نه، اهڙي قسم جي تشدد جي آمريڪا ۾ ڪا جاء ناهي.
آمريڪي صدر چيو ته صدارتي چونڊن ۾ تمام گھڻا خطرا موجود آهن، سياست ۾ ڪنهن جي جان کي خطرو نه هجڻ گهرجي، اختلاف جو مطلب دشمني نه هئڻ گهرجي، اختلاف بيلٽ باڪس ذريعي حل ٿيڻ گهرجن گولي سان نه، هو جمهوريت ۽ قانوني جي بالادستي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.
ان کان اڳ جاري ڪيل بيان ۾ جوبائيڊن چيو هو ته هن ٽرمپ تي حملي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، نتيجا سڀني سان شيئر ڪيا ويندا، ريپبلڪن ڪنوينشن جي سيڪيورٽي قدمن لاءِ ڳجهي اداري کي هدايتون ڏنيون ويون آهن.
ياد رهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ڇنڇر ڏينهن چونڊ ريلي دوران فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو هو، فائرنگ ۾ ريلي ۾ شريڪ هڪ شخص پڻ مارجي ويو هو، جڏهن ته حملي آور کي فوري طور تي ماريو ويو هو…….- Advertisement -
