تازه ترين

ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ مان هٿياربندن ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ مان هٿياربندن ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، وارثن پاران مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڳوٺ شير ڳڙهه  ڀرسان حسين شاهه لاڙو واري علائقي ۾ 10 کان وڌيڪ هٿياربندن ايندڙ ويندڙ گاڏين تي سڌي فائرنگ ڪئي.

هٿياربندن ڪشمور کان شڪارپور ويندڙ ٽرڪ تي حملو ڪري ٽرڪ ۾ سوار ٻن ڄڻن ڪشمور واسي مشتاق ۽ دلمراد محمداڻي کي اغوا ڪري ويا.

اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا.

ٻنهي مغوين جي وارثن پاران دلمراد، سالار، ڪانڊيرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿياربند، ٽرڪ تي حملو ڪري مشتاق ۽ دلمراد محمداڻي کي اغوا ڪري ويا آهن.

هنن چيو ته پوليس علائقي واسين کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جنهن سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻنهي مغوين کي جلد بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
42 %
0.4kmh
23 %
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون