تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ مان هٿياربندن ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ مان هٿياربندن ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، وارثن پاران مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڳوٺ شير ڳڙهه  ڀرسان حسين شاهه لاڙو واري علائقي ۾ 10 کان وڌيڪ هٿياربندن ايندڙ ويندڙ گاڏين تي سڌي فائرنگ ڪئي.

هٿياربندن ڪشمور کان شڪارپور ويندڙ ٽرڪ تي حملو ڪري ٽرڪ ۾ سوار ٻن ڄڻن ڪشمور واسي مشتاق ۽ دلمراد محمداڻي کي اغوا ڪري ويا.

اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا.

ٻنهي مغوين جي وارثن پاران دلمراد، سالار، ڪانڊيرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿياربند، ٽرڪ تي حملو ڪري مشتاق ۽ دلمراد محمداڻي کي اغوا ڪري ويا آهن.

هنن چيو ته پوليس علائقي واسين کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جنهن سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻنهي مغوين کي جلد بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي……….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
41 %
2.6kmh
98 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون