آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پنجين ميچ اڄ افغانستان خلاف کيڏندي.
چـِنئي جي چدم برم اسٽيڊيم ۾ ٻئي ٽيمون پاڪستاني وقت موجب منجهند ڏيڍ وڳي آمهون سامهون ٿينديون.
گذريل ڏينهن قومي ٽيم جي بيٽرز مشقون ڪيون، اسامه مير، ابرار احمد، محمد نواز، سلمان علي آغا ۽ شاداب خان قومي بيٽرز کي نيٽ تي پريڪٽس ڪرائي.
پريڪٽس سيشن ۾ پاڪستان ٽيم جا سمورا رانديگر موجود هئا، گوڏي ۾ انجري جو شڪار فخر زمان نيٽ پريڪٽس نه ڪئي.
ٻئي پاسي پاڪستاني ٽيم اڄ افغانستان خلاف ميچ لاءِ ٽيم ۾ ڪابه تبديلي نه ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب، افغانستان خلاف ميچ ۾ آسٽريليا خلاف ميچ جي ئي ٽيم کي کيڏايو ويندو جڏهن ته شاداب خان کي فائنل اليون ۾ شامل ڪرڻ تي اتفاق ناهي ٿيو.
واضع رهي ته هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 4 ميچون کيڏي چڪي آهي جنهن ۾ گرين شرٽس کي ٻن ۾ ڪاميابي ملي ۽ ٻه ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو……